اسلام آباد: آرمي چيف جي مقرري جي سمري ملڻ بعد وزيراعظم اتحادين جو اڄ اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي، وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب به تصديق ڪئي آهي ته دفاع وزارت پاران اماڻيل سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف اتحادي جماعتن جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس به اڄ شام 6 وڳي طلب ڪيو آهي،
مريم اورنگزيب چيو ته سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي ۽ آرمي چيف جي عهدن لاءِ پينل موڪليو ويو آهي، وزيراعظم طئي ٿيل طريقيڪار تحت مقررين بابت فيصلو ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فور اسٽار مقررين سميت ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي مشاورت ٿيندي.