امريڪا ۾ جوابدار گرل فرينڊ آڏو سرخرو لاءِ بئنڪ ڦري ورتي

0
87

آمريڪا ۾ هڪ نوجوان پنهنجي گرل فرينڊ جي نظرن ۾ بهادر بڻجڻ لاءِ بئنڪ ڦري ورتي

پرڏيهي ميڊيا موجب 30 ورهين جي مائيڪل ڪونلي لوائيڊ نالي ان نوجوان جو واسطو آمريڪي رياست ميسوري جي شهر سپرنگ فيلڊ سان آهي ۽ هن انتهائي انوکي انداز ۾ بئنڪ ۾ ڦر ڪئي، هن پنهنجي برٿ سرٽيفڪيٽ جي پويان بئنڪ عملي لاءِ ڌمڪي لکي ۽ ان ذريعي رقم ڦري فرار ٿي ويو

جوابدار پنهنجي برٿ سرٽيفڪيٽ جي پويان لکيو ته ”پاڻ وٽ موجود رقم منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ خبردار، گوڙ نه ڪجو، منهنجو هڪ ساٿي بئنڪ جي ٻاهران بيٺو آهي“

هن اها تحرير بئنڪ جي هڪ عورت ملازمه کي ڏيکاري، جنهن تي عورت ڊڄي پاڻ وٽ موجود 754 ڊالرن جي رقم سندس حوالي ڪري ڇڏي

مائيڪل پنهنجي روم ميٽ جي ڪار چوري ڪري ان واردات تي آيو هو، هو رقم کڻي ان گاڏي ۾ فرار ٿي ويو

بئنڪ طرفان پوليس کي اطلاع ڪيو ويو ۽ پوليس ٽريڪ ڪري جڏهن مائيڪل جي گهر پهتي ته هن چوري ٿيل گاڏي ۾ ئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فرار ٿيندي لٽيل رقم ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ پوليس آفيسرن سامهون ڦٽو ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي روم ميٽ کي به اطلاع ڪيو ته تنهنجي گاڏي مان چوري ڪئي آهي

پوليس جڏهن گرفتار ڪري مائيڪل کان پڇيو ته هن چيو ”منهنجي گرل فرينڊ ويڙهه دوران مون کي بزدليءَ جو مهڻو ڏنو هو، مان کيس غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اها واردات ڪئي“

رپورٽ موجب مائيڪل خلاف عدالت ۾ ڪيس جي ڪارروائي جاري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here