سنڌ پوليس جا اهلڪار اسلام آباد اماڻڻ خلاف درخواست رد ٿي وئي

0
69

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد موڪلڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. سنڌ پوليس جي نفري اسلام آباد اماڻڻ خلاف اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس درخواستگذار اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو آئين جي ڪهڙي شق جي خلاف ورزي ٿي آهي؟

حليم عادل شيخ جي وڪيل ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 16 جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته احتجاج اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، اتي ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي سيڪيورٽي لاءِ پهتل آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here