اسلام آباد:سنڌ سرڪار جي استدعا رد، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي،
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلي جو وقت پهرين صبح 11 وڳي ٻڌايو ۽ بعد ۾ تبديل ڪري 3 وڳي جو وقت مقرر ڪيو، جنهن تحت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو،
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن اندر شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ سرڪار 90 ڏينهن تائين مڪاني چونڊن ملتوي ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ پئي چاهيون، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ پئي چاهيون.