ڪورنگي ضلعي پوليس جون مختلف ڪارروايون،225 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار

0
80

ڪورنگي ضلعي پوليس 15 ڏينهن دوران مختلف ڪارروايون ڪندي 225 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي

ايس ايس پي ڪورنگي موجب ٻن هفتن دوران ڪورنگي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ 10 پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 15 زخمي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

ڪورنگي، ضلعي پوليس جوابدارن وٽان 14 ڪلو چرس، هيروئن پائوڊر، ڀنگ ۽ 17 بوتلون شراب هٿ ڪري ورتيون

ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي ٻڌايو ته ڪورنگي ۾ گرفتار ٿيل ڏوهاري گروپ وٽان 39 کان وڌيڪ غير قانوني هٿيار، 46 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي

ڪورنگي پوليس موٽرسائيڪل لفٽر وٽان 33 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون، مختلف موٽرسائيڪلن جا انجڻ پارٽس وغيره هٿ ڪري ورتا.

ايس ايس پي ڪورنگي ساجد امير سدوزئي چيو ته ڪورنگي پوليس جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ گٽڪو، 190 ڪلو کان وڌيڪ ۽ 299 ڪلو تيار ٿيل سوپاري ۽ تمباڪو هٿ ڪيو.
ڪورنگي پوليس جوا جي پنجن کان وڌيڪ اڏن تي ڪارروائي ڪندي جوا جون پرچون، تاش، سنوڪر ۽ 36 هزار 330 رپيا روڪ رقم هٿ ڪري ورتي

ڪورنگي، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here