ايراني فٽبال ٽيم قومي ترانو پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
75

فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ايران جي ٽيم انگلينڊ خلاف پنهنجي پهرين ميچ کان اڳ قومي ترانو نه پڙهيو

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني فٽبال ٽيم جي رانديگرن جو ترانو نه پڙهڻ واري عمل کي ايران ۾ احتجاجي مظاهرين سان يڪجهتي جي اظهار طور ڏٺو پيو وڃي.

دوحا جي خليفه انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ جڏهن ايران جو قومي ترانو وڄايو ويو ته رانديگر خاموش رهيا جڏهن ته اسٽيڊيم ۾ ويٺل شوقين به ان وقت رڙيون ڪندي نظر آيا ۽ ڪجهه ماڻهو تراني دوران آڱوٺي جو اشارو ڪندي ايراني اختيارين خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ان ميچ ۾ ايران کي انگلينڊ جي هٿان ٻن گولن جي ڀيٽ ۾ ڇهه گولن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here