صوبائي حڪومت مهاڻن جي زندگي جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي: عبدالباري پتافي

0
79

ڪراچي ( رپورٽ نظام الدين ڀٽو ) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته صوبائي حڪومت مهاڻن جي زندگي جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، مڇي مارڻ جي شعبي سان لاڳاپيل سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ جوائنٽ ميري ٽائيم ڪوآرڊينيشن سينٽر (جي ايم آءِ سي سي) جي مدد سان نه رڳو سمنڊ ۾ مهاڻن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگھبو پر سمنڊ ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام ۽ سيڪيورٽي جي معاملن کي مانيٽر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پي اين ايس قاسم آڊيٽوريم منوڙي ۾ فشريز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل پروگرام ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي ميرين اينڊ ڪوسٽل فشريز ڊاڪٽر علي محمد مستوئي، ڪموڊور عابد حسين، فورس پروٽيڪشن برگيڊ ستاره امتياز ملٽري، ڊائريڪٽر جي ايم سي سي ڪيپٽن حميد سلطان، تمغائي امتياز ملٽري ۽ سنڌ فشريز ڊپارٽمينٽ ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ ڪراچي فش هاربر اٿارٽي، بلوچستان فشريز ڊپارٽمينٽ، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي (PMSA) کان علاوه مختلف ماهيگيرن جي تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. صوبائي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير چيو ته مڇي مارڻ جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان وٽ سمنڊ ھئڻ سبب ايڪسپورٽ پوٽينشل موجود آھي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماهيگيرن کي مڇي مارڻ جي جديد طريقن جي تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته اسان جي جي ڊي پي جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي، مڇي مارڻ جهڙي شعبي ۾ ترقي سان ملڪ جي معيشت ۾ واڌارو اچي سگهي ٿو. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته صوبائي حڪومت پاران مهاڻن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن جڏھن ته ايڪسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آھي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت نيلامي وارو نظام ختم ڪري مهاڻن کي مڇي مارڻ جا لائسنس ڏنا آهن. صوبائي حڪومت جي ڪوشش سان وفاقي حڪومت پاران 2 ارب رپيا سامونڊي ماهيگيري کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ ڏنا پيا وڃن. جنهن سان هاربر جي ترقي کان علاوه هيچريز ۽ بوٽس مانيٽرنگ سسٽم کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير چيو ته مڇي مارڻ ۾ ويليو ايڊيشن لاءِ مختلف پروسيسنگ يونٽس قائم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن. ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته غيرقانوني مڇي مارڻ کي روڪڻ لاءِ ماهيگيرن جو ساٿ ڏيڻو پوندو، جڏهن ته سمنڊ ۾ سٺو نظم و ضبط قائم ڪري مڇيءَ جي پيداوار ۾ اضافو ممڪن ٿي سگھندو. صوبائي حڪومت سمنڊ جي ڪناري تي ماهيگيرن لاءِ هائوسنگ اسڪيمن جي تعمير تي ڪم ڪري رهي آهي، اهي هائوسنگ اسڪيمون ٺٽي ۽ ڪي ٽي بندر ۾ پڻ تعمير ٿي رهيون آهن. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته جوائنٽ ميري ٽائيم ڪوآرڊينيشن سينٽر (جي ايم آءِ سي سي) جي مدد سان گڏيل رابطن کي فعال رکيو ويندو. جي ايم آءِ سي سي جي اُپائن سبب سمنڊ ۾ موجود ماهيگيرن جي مدد ڪرڻ ممڪن ٿيندي. ان موقعي تي ڪموڊور عابد حسين، فورس پروٽيڪشن برگيڊ ستاره امتياز ملٽري، ڊائريڪٽر جي ايم آءِ سي سي ڪيپٽن حميد سلطان، تمغا امتياز ملٽري ۽ ٻين ماهيگير تنظيمن جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ فشريز جي شعبي سان لاڳاپيل سمورن اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here