نڙ ساز جو ناليوارو ڪلاڪار چاچو جمن ملاح لاڏاڻو ڪري ويو، سانگهڙ سان تعلق رکندڙ نڙ وڄائيندڙ سنڌ جو ناميارو ڪلاڪار چاچو جمن ملاح دم ڌڻي حوالي ڪيو،
چاچي جمن ملاح جو تڏو سانگهڙ ويجهو مياڻ ۾ وڇايو ويو. چاچو جمن ملاح زندگي جا 40 سال مختلف پروگرامن ۾ نڙ وڄائيندو رهيو، سنڌ ۾ نڙ ساز جي اهميت گهٽجڻ ڪري آخر ۾ کيس اها پذيرائي نه ملي سگهي، جيڪا هو لهڻي پيو، جيتوڻيڪ ماضي ۾ چاچي چمن ملاح جي ڪلا کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو.