عمران خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي: شرجيل ميمڻ

0
131

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين پرڏيهي سازش واري بيانيي کان به يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي، پرڏيهي ايجنڊه تي ڪم ڪندڙ عمران خان پنهنجي مفادن لاءِ ملڪ کي سنگين نقصان پهچائي رهيو آهي، ادارن کي غيرآئيني ڪم لاءِ چئي رهيو آهي، سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي هلائي وڃي،

پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پنهنجو ووٽ بيڪ وڌائڻ لاءِ مذهب جو استعال ڪري رهيو آهي، مسلسل ڪوڙا الزام هڻي ملڪ جي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي، هن آئين ۽ قانون جا بخيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن، اڄ دنيا عمران کي گهڙي چور جي نالي سان سڃاڻي ٿي، هن چيو ته خانه ڪعبه جي تصوير واري گهڙي وڪرو ڪرڻ تي عمران خان کي ٻڏي مرڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here