عمران مرضي جو آرمي چيف چاهي ٿو، اها روايت خوفناڪ آهي: سعيد غني

0
69

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان اهم مقرريءَ کي تڪرار بڻائي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ چيئرمين مرضيءَ جو آرمي چيف چاهي ٿو جيڪا خوفناڪ روايت آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته عمران خان هر اداري کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهي ٿو، سندس 10 سالن جو منصوبو ناڪام ٿي ويو آهي،

تحريڪ انصاف سربراهه ادارن کي نقصان پهچائي ملڪ ۽ جمهوريت جو تماشو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ثابت ٿي ويو ته عمران اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کانسواءِ اقتدار ۾ نه ٿو اچي سگهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here