پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪيو آھي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻار اسان جو قيمتي اثاثو آهن، کين سهولتون فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي ذميواري آهي، تعليم، صحت ۽ صاف پرامن ماحول ٻارن جي بهتر صحتمند لاءِ ضروري آهي.
پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري هڪ بيان ۾ چيو آھي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ٻارن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تباهيءَ جي ڪري اٽڪل 19 هزار اسڪولن کي نقصان پهتو آهي.