اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم

0
70

سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو

عدالت مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ۽ سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي نفري فراهم ڪري

سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت فيصلو به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي مجبور نٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن 3 ڊسمبر تائين شيڊيول جو اعلان ڪري ۽ مڪاني چونڊن بابت 60 ڏينهن ۾ سمورا قدم مڪمل ڪري

عدالت چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي تاريخ ٻن مهينن جي اندر اندر هجڻ گهرجي، سنڌ حڪمت سيڪيورٽي ۽ سموريون سهولتون ڏيڻ جي پابند آهي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ضروري قدمن جا پابند هوندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here