سيوهڻ: سيوهڻ ٽول پلازا ويجهو المناڪ سانحي ۾ حياتيون وڃائيندڙ 20 ڄڻن جا مڙهه خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو پهچڻ تي هر اک آلي، فضا سوڳوار ٿي ويا،گذريل رات سيوهڻ جي ٽول پلازا ڀرسان قلندر تي سکا کڻي ويندڙ ڳوٺاڻن جي وين ڪلٽي ٿي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ سبب 8 ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، فوتين ۾ ڪنوار ۽ زخمين ۾ گهوٽ به شامل هئا، سمورن فوتين جو هڪ ئي ڳوٺ سان تعلق هجڻ ڪري سندن مڙهه ڳوٺ دائود ڦلپوٽوآندا ويا ته سڄي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي، علائقي ۾ 20 فوتين جو قبرون کوٽڻ واري منظر سڀني جا جيءَ جهوڙي وڌيا، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جنهن بعد ڊي آءِ جي موٽر وي پوليس جاويد مهر جو حادثي واري هنڌ جو جائزو ورتو، سندس چوڻ آهي ته جنهن جي نااهلي هوندي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.