اينٽي ڪرپشن حيدرآباد هٿان  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري گرفتار

0
96

اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي حيدرآباد سکر موٽروي منصوبي جي فنڊز ۾ گهوٻين جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو

اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم مٽياري جي ڊي سي عدنان رشيد کي ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪري ڊي سي هائوس ۾ سرچ آپريشن ڪيو

اينٽي ڪرپشن اهلڪارن سرچ دوران اهم دستاويز هٿ ڪري ورتا

عدنان رشيد کي ڪجهه ڪلاڪ اڳ سکر-حيدرآباد موٽر وي (ايم-6) منصوبي جي فنڊن ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيو هو

اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عدنان رشيد جو جسماني رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

نوٽيفڪيشن موجب ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي ڪرپشن جي الزام ۾ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي.

مٿس موٽر وي فنڊز ۾ 1.75 بلين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي

ڊپٽي ڪمشنر بينظير آباد شهريار ميمڻ کي ڊي سي مٽياري جي واڌو چارج ڏني وئي آهي

اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيد آباد منصور عباسي کي به سندس عهدي تان معطل ڪيو ويو آهي

سنڌ جي چيف سيڪريٽري موٽر وي منصوبي لاءِ زمين جي خريداري ۾ ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ شروع ڪئي هئي.

انڪوائري رپورٽ موجب جوابدارن زميندارن کي ڪراس چيڪن ذريعي رقم ادا ڪرڻ بدران رقم سندن نالي تي ڪيش ڪرائي هئي

سنڌ حڪومت ڪرپشن اسڪينڊل جي وڌيڪ جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن شامل آهن، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ حڪومت کي رپورٽ پيش ڪندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here