عثمان بوزدار کي نه هٽائڻ تان  اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف  ٿيا: عمران خان

0
57

پي ٽي آءِ چيئرمين  ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عثمان بوزدار کي نه هٽائڻ تان  اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف  ٿيا

زمان پارڪ ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي  عمران خان چيو ته انهن جي چوڻ تي عثمان بوزدار کي هٽايون ها ته اسان جي پنجاب حڪومت ختم ٿي وڃي ها

پي ٽي آءِ چيئرمين  چيو  ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اسان جي حڪومت پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان هڪ پيج تي هيون، روس جي دوري کان واپسي تي اختلاف پيدا ٿيا

سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جي مقرري تي حڪومتي حلقن ۾ ڇڪتاڻ آهي، هو ڏکيائين ۾ آهن، آرمي چيف جي مقرري تي اسان جي پاليسي ڏسو ۽ انتظار ڪيو جي آهي

عمران خان  چيو  ته آصف زرداري کانپوءِ جيلن مان ٻين ماڻهن کي به ڪڍي کانئن صلاح مشورا ڪيا وڃن

پي ٽي آءِ چيئرمين  جو چوڻ هو ته سئو سيڪڙو ماڻهن کي يقين آهي ته مونتي اسنائپر سان فائرنگ ٿي، سڀني کي اها به پڪ آهي ته فائرنگ ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ هئا، جي آءِ ٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي پرويز الاهي ذميوار ناهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here