وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ پارٽي قائد نواز شريف سان چوٿين ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، ذريعن موجب، ملاقات ۾ اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي ته آرمي چيف جي مقرري ۾ ميرٽ کي اوليت ڏني ويندي، فيصلن تي پي ڊي ايم جي قيادت کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ نواز شريف وچ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ملاقات جاري رهي، وزير اعظم چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري آئيني معاملو آهي ۽ آئين موجب طئي ٿيندو