خوني مارچ ڪندڙ عمران خان وڌيڪ خونريزي چاهي ٿو:شرجيل ميمڻ

0
74

خوني مارچ ڪندڙ عمران خان وڌيڪ خونريزي چاهي ٿو، ٻن ڏينهن کانپوءِ شروع ٿيندڙ مارچ به لانگ نه پر شارٽ هوندو، لانگ مارچ جو مقصد رڳو گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا ۽ ادارن کان ناجائز مطالبا مڃرائڻ آهي، عمران خان وزيرآباد واقعي جي ايف آءِ آر ۾ ٽي ڪوڙا نالا شامل ڪرائڻ چاهي ٿو، پنجاب جو وڏو وزير ٽن نالن تي متفق ناهي ته عوام کي ڇو بيوقوف ڪيو پيو وڃي،“ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير ڄاڻايل نالن تي متفق آهي ته ٽي وي ذريعي عوام کي آگاهه ڪيو وڃي، شرجيل انعام ميمڻ موجب، هُو اڳ ئي چئي چڪا آهن ته عمران خان ڏڦيڙ ۽ فتني جو ٻيو نالو آهي، چار گوليون لڳڻ واري اعلان کي هُو لطيفو سمجهن ٿا، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جو امن امان خراب ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائي ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here