سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته قومي ليڊر تي حملو ٿيو آهي، 24 ڪلاڪن اندر ڪيس داخل ڪيو وڃي، ايف آءِ آر داخل نه ٿي ته پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو، ڪرمنل جسٽس سسٽم تحت پوليس پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪري سگهي ٿي، 90 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، پر ايف آءِ آر اڃا تائين داخل نه ٿي آهي، پنجاب حڪومت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان روڪيو آهي، وڏو وزير نه ٿو چاهي ته ڪيس داخل ٿئي: آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار جي اعليٰ عدالت کي وضاحت پيش