12- ارشد شريف جي موت تي هڪ ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو، واقعي سان لاڳاپيل حقيقتن تائين پهچڻ اڻٽر آهي، ادارن ۽ آرمي چيف تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، ارشد شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو، اسانجي اطلاع موجب خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي خاص هدايت تي ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٿريٽ الرٽ مخصوص سوچ تحت جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جو مقصد ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ هو: ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته سلمان اقبال شهباز گل جي گرفتاري کانپوءِ عماد يوسف کي چيو ته ارشد شريف کي ٻاهر اماڻيو وڃي، سلمان اقبال کي ڏيهه واپس آڻي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ارشد شريف جي موت جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان سڀني کي انڪوائري ڪميشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي