ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪو خطرو نه هو پر سندس قتل جي سازش پاڪستان ۾ ٿي، سازشين کيس ڊيڄاري ملڪ مان وڃڻ تي مجبور ڪيو، ارشد شريف جو موت حادثو نه پر قتل هو، اسٽيبلشمينٽ سان ارشد شريف جا رابطا هئا ۽ هو ڏيهه اچڻ لاءِ تيار هو، پوليس هٿان ارشد شريف جو موت ڊرامو آهي، ارشد شريف کي گاڏي اندر ئي هڪ گولي سيني ۽ ٻي مٿي ۾ هڻي قتل ڪيو ويو، هاڻ سندس ليپ ٽاپ ۽ موبائل به نه ملندو، قتل جون سموريون شهادتون ختم ڪيون ويون آهن: پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي اسلام آباد ۾ نيوز ڪانفرنس، چيائين، عمران خان جي لانگ مارچ ۾ مون کي رت ئي رت ۽ جنازا نظر اچي رهيا آهن، لانگ مارچ ۾ به بيگناهه ماڻهن جو رت وهايو ويندو ۽ لاش ڪيرايا ويندا، ملڪ اندر رت ۽ لاشن جي راند بند ٿيڻ گهرجي، ممڪن آهي ته مون کي به قتل ڪيو وڃي پر مون وڊيو ٺاهي انهن جا نالا ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته اهي به نه بچي سگهندا