پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي قوم کي واڌايون، مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان پاڪستاني سياست جو غير ضروري عنصر آهي، عمران خان کي بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان سياست ۾ فيڊ ڪيو، سندس امانت، ديانت ۽ صداقت جو اهو عالم آهي جو هُو ڪنهن هڪ ڳالهه تي بيهي نه ٿو سگهي، جيڪي ملڪ کي تخريبڪاري ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا، اُنهن کي به هُو ٻڌائن ٿا ته پاڪستان ۾ تخريبڪاري نه هلندي، عوام اهڙن ماڻهن کي ڪچلي ڇڏيندو