ڌمڪين سان ڪوبه چونڊن لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهي، عمران خان سمجهي ٿو ته چڙهائي جي خوف سبب اليڪشن جو اعلان ڪنداسين ته اها سندس ڀل آهي،“ گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ساڻن ڪي به ڳالهيون نه ڪري رهيو آهي، عمران خان ڌمڪيون پيو ڏئي ته جٿا وٺي ايندو ته پوءِ جواب به جٿن ذريعي ڏنو ويندو، هُنن پنهنجي سياست نه پر رياست بچائي آهي، حڪومت ۾ اچي کين سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، سخت فيصلن جو وقت گذري ويو، معيشت کي بچائڻو آهي