شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ملير ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ملتان ۾ وائيس چيئرمين کي عبرتناڪ شڪست ڏني، پي ٽي آءِ لياري مان ڀڄي وئي، لياري جي عوام کي پنهنجو حقيقي نمائندو مقرر ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو، عدالت کي گذارش آهي ته لياريءَ ۾ ننڍي چونڊ تي اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي