وزيراعظم اڄ قازقستان ۾ ڇهون سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو

0
89

ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتماد سازي جي قدمن بابت سربراهي ڪانفرنس ”سيڪا“ جو ڇهون سربراهي اجلاس قازقستان جي شهر آستانه ۾ شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف به سيڪا اجلاس ۾ موجود آهي ڪجهه دير ۾ اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سائيڊ لائين تي ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف ۽ قازقستان جي صدر قاسم زورمات توڪائيف سان ملاقاتون ڪندو، ملاقات ۾ رڪن ملڪن سان رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. سيڪا گڏيل تعاون ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي وارا مقصد ماڻڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهي.سيڪا، تنظيم، معيشت، ماحوليات، انساني وسيلا ۽ سلامتي بابت رڪن ملڪن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here